ڏاهري عبدالقادر

ڏاهري، عبدالقادر: ناميارو تعليمدان پروفيسر عبدالقادر ڏاهري، 10 جولاءِ 1932ع تي نوابشاهه ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ٻانڌي ۽ بي. اي نوابشاهه مان پاس ڪري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي پاس ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد سنڌ انجمن حمايت الاسلام جي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. پروفيسر عبدالقادر ڏاهري اڳتي هلي نوابشاهه ۾ سچل سرمست ڪاليج جو بنياد وڌو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 3 سال ميمبر رهڻ سميت ٽي سال سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو ميمبر ۽ سنڌ ڏاهري ويلفيئر ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهي. هيءُ سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه جو 1964ع کان 1962ع تائين پرنسپل به رهيو آهي. هن وقت رٽائر زندگي گذاري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.07.10  عيسوي

ناميارو تعليمدان پروفيسر عبدالقادر ڏاهري، 10 جولاءِ 1932ع تي نوابشاهه ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا ذهين شاهه تاجي
رهي رسول بخش
سعدالله مفتي
شيخ حبيب الله ماستر
شاستري لال بهادر
جيسينه جئه سينه
تيمور لنگ
ڄام بابينو
جهمٽ مل واڌواڻي
اويس قرنيِ حضرت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون